سنڌي شاعريءَ جو اڀياس

سنڌي شاعريءَ جو اڀياس

سنڌي شاعريءَ جو اڀياس

سنڌي شاعريءَ جو اڀياس (ڪتاب): هي ڪتاب نامور شاعر ۽ اديب شاعر شمشير الحيدريءَ جي ٻن ننڍن ڪتابن: ’سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر‘ ۽ ’جديد شاعريءَ جو اڀياس‘ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو ’سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر‘ ستن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ جديد شاعري، سنڌي شاعريءَ جو مزاج، آزاد نظم جو تاريخي پسمنظر، آزاد نظم اردو ۾، غزل کان آزاد نظم تائين، آزاد نظم جو فن ۽ سنڌي آزاد نظم جو مستقبل جهڙا موضوع شامل آهن. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ’جديد شاعريءَ جو اڀياس‘ ۾ سنڌوءَ جي ساک، سنڌيءَ ۾ رومانوي شاعري، سنڌي ۾ جمالياتي شاعري، سنڌي ۾ رزميه شاعري، سنڌي ۾ مزاحيه شاعريءَ تي بحث ڪيو ويو آهي.
145 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، مئي 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جي قيمت رنگين پڪي جلد سان 150 روپيا آهي.


لفظ سنڌي شاعريءَ جو اڀياسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو